بلبل کورواهي

بلبل کورواهي

بلبل کورواهي

بلبل کورواهي: سنڌ جو مشھور شاعر. سندس اصل نالو ڊاڪٽر خان محمد ولد پير محمد جت آهي. ادب جي دنيا ۾ ’بلبل کورواهي‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن سڄاڻ شاعر، 22 مارچ 1954ع تي کور واهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. سندس تعلق جتن جي اوڙڪ راوشي (Rawishi) سان آهي. ابتدائي تعليم کورواهه مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ماڊل اسڪول مان مئٽرڪ ۽ مسلم ڪاليج مان انٽر ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1982ع ۾ ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان علاوه ’اوجها انسٽيٽيوٽ‘ ڪراچيءَ مان، ’ڊپلوما اِن ٽيوبر ڪلوسس اينڊ چيسٽ ميڊيسن‘ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. شاعريءَ جي شروعات 1965ع ڌاري، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دؤران ڪئي، جڏهن پروانو ڀٽي، روزاني ’عبرت‘ اخبار ۾ ڪا ’طرحي‘ سِٽ ڏيئي، شاعرن کي لکڻ لاءِ همٿائيندو هو. ڄامشوري ۾ پڙهائي دؤران هن جي سائين جي ايم سيد ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن، ليکڪن، شاعرن ۽ صحافين سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي. سندس شاعري ’سنڌو‘ ۽ ’عبرت‘ مئگزين ۾ شايع ٿي عوامي مڃتا حاصل ڪئي. ڊاڪٽري جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گولاڙچي سميت هو مختلف شھرن ۾ ميڊيڪل، سينئر ميڊيڪل آفيسر ۽ ايم ايس ٿي رهيو. ڪجهه عرصو لبيا ۾ به ڊاڪٽر ٿي رهيو. 2014ع ۾ سينئر ميڊيڪل آفيسر گولاڙچيءَ جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب، ”پکي ٿو ٻولي“ 1993ع ۾ شايع ٿيو. سندس مشھور نظم’سنڌ مرُڪي پئي، سنڌ مُرڪي پئي‘ سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي. ’بلبل کورواهي‘ هن وقت گولاڙچي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو